اسلام آباد (بيورو رپورٽ )اليڪشن ڪميشن پاڪستان پيپلز پارٽي کي تلور جو چونڊ نشان الاٽ ڪري ڇڏيو آهي.جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) کي ڪتاب الاٽ ڪيو ويو ۽ رابطا جمعيت اسلام کي انگوزي جو انتخابي نشان الاٽ ڪيو ويو.اليڪشن ڪميشن جي يو آءِ نظريي کي تختي، جديد عوامي پارٽي کي هيلمٽ ۽ الله اڪبر تحريڪ کي جهنڊو ڏنو ويو.پيپلز مسلم ليگ کي کپ، ڪسان اتحاد کي بالٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کي چاقو جو نشان ڏنو ويو آهي.هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي کي چنڊ، پاڪستان عوامي ليگ کي هاڪي، پاڪستان امان تحريڪ کي ميزائل، تحريڪ تحفظ پاڪستان کي پستول، پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو جي فتح ۽ تحريڪ درويش پاڪستان کي واسڪوٽ الاٽ ڪيو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن تحريڪ انصاف کي ٽيليفون ۽ پاڪستان ويلفيئر تحريڪ کي ٿرموس جو نشان الاٽ ڪيو.
