اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيپلز پارٽي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي اضافي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. پيپلز پارٽي جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته وفاقي حڪومت عوام تي مهانگائي جو بار وجهي ڇڏيو آهي، اهو قبول نه ڪنداسين، مهانگائي جي ستايل عوام کي رليف ڏيڻ جي بجاءِ پريشانين ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي.پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ٿيڻ سان غريب، پورهيت ۽ وچولو طبقو وڌيڪ متاثر ٿيندو، هڪ طرف رمضان پيڪيج جي دعويٰ ته ٻئي طرف مهانگائي جو تحفو، حڪومت جو تضاد واضح نظر اچي رهيو آهي. حڪومت بيروزگاري ۽ معاشي بحران جي خاتمي تي ڌيان ڏئي عوام کي وڌيڪ نه آزمائي.ياد رهي ته حڪومت ايندڙ پندرنهن ڏينهن جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 5 روپين جو اضافو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 258 روپيه 17 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. انهي کان علاوه هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 7 روپيه 32 پئسا اضافو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 275 روپيه 70 پئسا ٿي وئي آهي.










