پيپلز پارٽي طرفان سرفراز بگٽي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي پاران سرفراز بگٽي کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي.پ پ جي سينيئر اڳواڻ صادق عمراني موجب سرفراز بگٽي کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ڪيو ويو آهي.سرفراز بگٽي تازو ئي صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊجڻ بعد سينيٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي بلوچستان اسيمبلي جي ميمبر مير سرفراز بگٽي ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي ميمبر طور حلف کڻي ورتو.ڪالهه خميس ڏينهن بلوچستان اسيمبلي جي اجلاس ۾ پرزائيڊنگ آفيسر انجنيئر زمرک خان اچڪزئي نئين چونڊيل ميمبر مير سرفراز بگٽي کي اسيمبلي جي ميمبرشپ جو حلف ورتو.سرفراز بگٽي 8 فيبروري 2024ع تي ٻيو ڀيرو بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، ان کان اڳ هو 2013ع ۾ بلوچستان اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو.سرفراز بگٽي 2019ع ۾ سينيٽر به چونڊيو ويو.سرفراز بگٽي صوبائي گهرو وزير ۽ نگران وفاقي گهرو وزير به رهي چڪو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو