پيپلز پارٽي جو (ن) ليگ سان ٺاهه ٿي ويو: يوسف رضا گيلاني

ملتان(ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پيپلز پارٽي جو (ن) ليگ سان ٺاهه ٿي ويو،جهلم پير پشاوري جي سالياني عرس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته ميڊيا وارا پوئتي رهجي ويا آهن، خبر نه ٺاهي سگهيا، (ن) ليگ پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪري ڇڏيا، ٻنهي پارٽين ۾ مفاهمت ٿي وئي آهي.چيئرمين سينيٽ چيو ته پ پ ڪنهن به خطري واري پارٽي ناهي، اسان حڪومت جو حصو ناهيون، اسان سندن مدد ڪري رهيا آهيون، معاشي صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون ته جيئن حڪومت مضبوط ٿئي.يوسف رضا گيلاني چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشن ۾ ڪيل قدمن کي ساراهيو ويو، گذريل آپريشن ۾ متاثر 2 لک ماڻهو اڄ به ڪئمپن ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخواهه جا ڪجهه ماڻهو وفاقي حڪومت کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو