پيپر ليڪ،سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 2 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن سنڌ جي تعليم کاتي ۾ گريڊ 16 جي پوسٽن لاءِ اين اي ڊي يونيورسٽي ۾ ٿيل ميرٽ ٽيسٽ ۾ آئوٽ آف پيپر جي جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. سيڪريٽري سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چوڻ آهي ته 2 رڪني ڪميٽي 24 ڪلاڪن اندر رپورٽ تيار ڪري پيش ڪندي.ڪميٽي ذميوارن خلاف سزا جو به تعين ڪندي، نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويو

پهنجو تبصرو موڪليو