لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ خلاف درخواست تي اوگرا ۽ ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ خلاف جوڊيشل ايڪٽيزم پينل جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواست ۾ وفاقي حڪومت، اوگرا ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيندو، عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ناهي ٿي رهي.درخواستگذار استدعا ڪئي ته لاهور هاءِ ڪورٽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازو واڌ کي ڪالعدم قرار ڏئي.بعد ۾ سپريم ڪورٽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ خلاف داخل درخواست تي اوگرا سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.










