پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو واپس وٺو، پروز الاهي

پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو واپس وٺو، پروز الاهي

لاهور(ويب ڊيسڪ)حڪمران جماعت مسلم ليگ (ق) پيٽرول جي قيمتن ۾ تازي واڌ کي فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. مسلم ليگ (ق) جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس اربع ڏينهن مرڪزي سيڪريٽري جنرل طارق بشير چيما جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي، پاڻي جي وسيلن واري وفاقي وزير مونس الاهي ۽ سينيٽر ڪامل علي آغا شرڪت ڪئي. ان کان علاوه قومي اسيمبلي جي ميمبرن سالڪ حسين، حسين الاهي، مسز فرخ خان، صوبائي وزيرن حافظ عمار ياسر، بائو رضوان، پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ساجد احمد خان ڀٽي، عبدالله يوسف وڙائچ، ڊاڪٽر محمد افضل، احسان الحق چوڌري، شجاعت حسين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ نواز اجنالا ۽ خديجه عمر شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو