اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين ۽ فاسل فيول تي 20 کان 30 رپيا ليٽر ڪاربن ليوي لاڳو ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي.ذريعن موجب ليوي نان ٽيڪس روينيو جي مد ۾ لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي ۽ ان جو مقصد انهن شين جي کپت جي حوصلا شڪني ڪرڻ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪاربن ليوي سان حاصل ڪيل روينيو وفاقي حڪومت استعمال ڪري سگهندي.










