پيٽروليم جون قيمتون برقرار، گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت ٻن اهم فيصلن جو اعلان ڪيو ڪندي ٻڌايو آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ک ايندڙ 15 ڏينهن تائين برقرار رکيو ويندو ۽ ٽيڪس جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ هڪ مهيني جي واڌ ڪئي وئي آهي. آئل ۽ گيس ريگوليٽري اٿارٽي پيٽرول جي اگهه ۾ 2.55 روپيا في لٽر ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 3.23 روپيا گهٽتائي جي سفارش ڪئي هئي  پر حڪومت اهي قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو. موجوده قيميت پيٽرول في لٽر 113.24 روپيا ۽ ڊيزل 127.14 روپيا آهن. هوڏانهن ايف بي آر جي اعلان مطابق ساليانا ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تارخ وڏائي وئي آهي. هاڻي رهجي ويل ماڻهو 31 آڪٽوبر تائين پنهنجي ملڪيتن جا تفصيل جمع ڪرائي سگهند. آمدني ۽ خرچن جو ساليانو حساب مالي سال 2018۽ 2019 بابت ۽ پنهنجي ملڪيتن ۾ ٿيل کوٽ واڌ بابت ڄاڻ مقرر فارم تي فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ويب سائيٽ تي ازخود آن لائن به جمع ڪرائي سگهن ٿا ۽ وڪيل جي معرفت به جمع ڪرائي سگهندا. ياد رهي ته پوئين سال 30 سيپٽمبر تائين 4 لک 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهن گوشوارا جمع ڪرايا هئا جڏهن ته هن سال 3 لک 77 هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهن پنهنجي ملڪيتن، آمدن ۽ خرچن جا تفصيل جمع ڪرايا.

پهنجو تبصرو موڪليو