اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان پينل ڪوڊ جي سيڊيشن ايڪٽ جي سيڪشن 124 اي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله تعزيرات پاڪستان جي سيڪشن 124 اي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته بغاوت جي شق پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن سان ٽڪراءَ ۾ آهي.










