پيرسن عورت جو پراسرار نموني قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

سکر (جيرام داس) گڏاڻي ڦاٽڪ جي پيرسن عورت جو پراسرار نموني قتل جو واقعو پيش آيو آهي. مقتولا عورت جي وارثن جو لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي ميهر لال، روپچند، جتيش ۽ ٻين عورتن سان گڏجي پيرسن پنڪي جو لاش پريس ڪلب آڏو رکي احتجاج ڪندي الزام هنيو ته پنڪي جي نياڻي گڊو سانگهڙ ۾ پرڻيل هئي جنهن جو مڙس 3 مهينا اڳ فوت ٿي ويو جنهن کانپوءِ مسلسل سندس ڏير رامو، شامو، جتيندر ۽ سهرو نرمل جنسي زيادتي جو نشانو بڻائيندا هئا اهڙي دانهن ملڻ تي پنڪي پنهنجي نياڻي جي گهر پهتي ته مٿس وحشياڻو تشدد ڪيو ويو جنهن سبب هو فوت ٿي وئي آهي. هنن پوليس هي اختيارين کان نوٽيس وٺي پيرسن کي قتل ڪرڻ ۽ سندس نياڻيءَ کي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙن کي گرفتار ڪري انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو