پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو پگهارون ۽ پينشن نه ملڻ خلاف احتجاج

دادو (رپورٽ عزيز الله خاصخيلي) دادو ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جو چيف آفيسر اڪائونٽنٽ ٻن مهينن کان مقرر نه ٿيڻ ڪري آل سنڌ لوڪل ڪائونسل پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ سي بي اي يونين دادو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل دادو جي ريگيولر ملازمن جون پگهارون نه ملڻ ريٽائرڊ ملازمن جون پينشن نه ٿيڻ خلاف ملازمن جو ڊسٽرڪٽ ڪائونسل آفيس کان پريس ڪلب دادو تائين پر امن ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن حسين کهرو مير قريشي فيض سيال غلام مصطفيٰ سومرو شبير احمد شاھد پنھور ارشاد ميمڻ اشرف پنهور ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته گذريل ٻن مهينن کان آفيسر مقرر ناهي ٿيو ۽ اسان جون پگهارون بند آهن جنهن جي ڪري اسان هن بابرڪت  رمضان شريف جي مهيني ۾  ڦاڪا ڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون مٿان وري عيد اچڻ واري آهي اسان پنهنجي ٻچڙن سان گڏ پاڻ به پيسا نه هجڻ ڪري  کي نه سحري توڙي افطاري ڪري نه ٿا سگهون هنن وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه وزير بلديات سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي اپيل ڪئي آهي ته ھن معامري جو جلد نوٽيس وٺي چيف آفيسر مقرر ڪرائي اسان ملازمن جون پگهارون ڏياريون وڃن ته جيئن اسان بابرڪت هن مهيني ۾ روزہ رکي سگهون ۽ عيد جي موقعي تي پنهنجي ٻچڙن سميت عيد جي خريداري به ڪري سگهون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو