پيراميڊيڪل جا ملازم جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

نوشهروفيروز( مشتاق حسين مري) پيراميڊيڪل جا 3 اڳواڻ جهيڙي جي ڪيس ۾ ٻن ڏينهن لاءِ جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي. ڪنزيومر پروٽيڪشن اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ آصف رضا مير جي عدالت ۾ پوليس جهيڙي جي ڪيس ۾ پيراميڊيڪل اڳواڻن سعود احمد ٻوهيو، حزب الله راڄپر ۽ رفيق سولنگي کي پيش ڪيو. عدالت جوابدارن کي ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته نوشهروفيروز ٿاڻي تي فريادي يعقوب راڄپر ڪيس داخل ڪرايو هو ته منهنجو ڀاءُ حفيظ الله راڄپر رات جي وقت سول اسپتال ۾ ڊيوٽي ڪري رهيو هو ته پيراميڊيڪل اڳواڻن سعود احمد ٻوهيو، حزب الله راڄپر، رفيق سولنگي ۽ ٻه نامعلوم ماڻهن لٺين ۽ بجلي جي پي وي سي تارن سان حملو ڪري کين سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن بعد نوشهروفيروز ٿاڻي جي پوليس ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو