پيار جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جي گهر تي فائرنگ

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) ڳوٺ عبدالڪريم ڀرٽ ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان جي گهر تي هٿياربندن پاران حملو ۽ فائرنگ، نتيجي ۾ پرڻو ڪندڙ نوجوان جو والد محمد عمر ڀرٽ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو آهي. زخميءَ کي سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن. نوجوان اشفاق ڀرٽ ۽ ناري وسيما سولنگي 4 مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪيو هو جنهن تان پرڻو ڪندڙ ناريءَ جا مائٽ ناراض هئا ۽ حملو ڪري پرڻو ڪندڙ نوجوان اشفاق ڀرٽ جي گهر تي فائرنگ ڪئي جنهن سبب نوجوان جو والد محمد عمر ڀرٽ کي گوليون لڳيون.ان سلسلي ۾ نوجوان اشفاق ڀرٽ ٻڌايو ته جوابدار غلام مصطفيٰ سولنگي، غلام حيدر سولنگي، گلزار سولنگي، نياز سولنگي ۽ ٻين کيس ۽ سندس زال وسيما کي مارڻ لاءِ ڳوٺ تي حملو ڪيو جنهن ۾ هو بچي ويا جڏهن ته سندس والد زخمي ٿي پيو آهي. هن چيو ته جوابدار سندس گهرواري وسيما جو پيءُ ۽ ڀائر آهن جن اڳ ۾ ئي کيس سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏنيون هيون. هنن اعلى حڪام کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين تحفظ ڏياريو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو