پوليس ۽ فوجي ڪمانڊوز مقابلي بعد5 دهشتگرد مارجي ويا، هڪ اهلڪار شهيد

پشاور(م ڊ) حيات آباد جي علائقي ۾ پوليس ۽ فوجي ڪمانڊوز 17 ڪلاڪن جي مقابلي بعد 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. هڪ پوليس اهلڪار شهيد 2 فوجي ڪمانڊوز۽ 2 علائقي جون عورتون زخمي ٿي پيا. شهيد اهلڪار جي جنازي نماز ۾ وزيراعليٰ ۽ آءِ جي پوليس سميت اعليٰ اختياريون شريڪ ٿيون. پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هنيو ته مقابلو شروع ٿي ويو. بعد ۾ فوج جي ايس ايس جي ڪمانڊوز کي طلب ڪيو ويو. سٽي پوليس چيف قاضي جميل صحافين کي ٻڌايو ته رهائشي علائقي سبب ڊگهي دير تائين مقابلو هليو. دهشتگردن عمارت ۾ پناهه ورتي. عمارت ۽ موٽرسائيڪل مان 50 ڪلو بارود به هٿ ڪيو ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته دهشتگردن 15 ڏينهن اڳ ڪرائي تي جاءِ ورتي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو