ٽنڊو محمد خان (مظفر علي بروهي)ٽنڊو محمد خان پوليس جي منشيات ۽ سماجي برائين خلاف ڪاروائيون 3 جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن. ٽنڊو محمد خان جي ٽنڊو غلام حيدر پوليس پاران پيٽرولنگ دوران ڪاروائي ڪندي سنگهار کوسو کي گرفتار ڪري 2480 مين پوڙيون هٿ ڪيون ويون ، بلِڙي شاھ ڪريم پوليس پيٽرولنگ دوران نائون ميل ڀرسان ڪاروائي ڪندي دين محمد خاصخيلي کي گرفتار ڪري 430 مين پوڙيون هٿ ڪيون ويون ، جڏهن ته شيخ ڀرڪيو پوليس رامليه اسٽاپ ڀرسان ڪاروائي ڪندي علي قريشي کي گرفتار ڪري وٽائن قبضي مان 18 ليٽر ديسي شراب سميت گيلن ۽ ٿهيليون هٿ ڪيون ويون ، جڏهن ته 3 جوابدارن خلاف الڳ الڳ ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.










