پوليس پرامن ڌرڻن تي تشڊد کان پاسو ڪري، سسئي

پوليس پرامن ڌرڻن تي تشڊد کان پاسو ڪري، سسئي

ٺٽو (جاويد لطيف ميمڻ )اڳوڻي سينيٽر ۽ اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ پ سنڌ جي اڳواڻ سسئي پليجو پنھنجو ھڪ بيان جاري ڪندي چيو آھي تـ سنڌ پوليس سنڌ جي پرامن مظاھرين تي ڪاروائين کان پاسو ڪري، پر امن سنڌ کي پر تشدت بنائي جي سازش ڪنھن بـ ريت قبول ناھي، مُظاھرين جي خِلاف تَشدد ۽ زور زبردستي قابل مذمت آھي،سنڌو دريا تي قبضو ڪري سنڌ کي سڪائڻ ڪونہ ڏبو احتجاج ڪندڙ سنڌ جا حلالي پٽ آھن انھن کي ڪمزور نہ سمجھيو وڃي، سِنڌ جي پاڻي جي حَق ۾ مُظاھرين جي پُر امن جَدوجھد جاري آھي طاقت جي زور تي حق کسڻ ڪٿي جو قانون آھي، پاڻي جي حق ۾ جدوجھد مُظاھرين جو آئيني حق آھي اھو حق استعمال ڪندي سنڌو دريا بچائينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو