پوليس پاران 3 ٽارگٽ ڪلر گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ملير (درياخان شر) اسٽيل ٽائون پوليس جي وڏي ڪاروائي قتل سميت سنگين ڏوهن ۾ ملوث مبينه طور ايم ڪيو ايم حقیقي جا ٽي ٽارگٽ ڪلر گرفتار ڪري ورتا. پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪري کين گلشن حديد فيز ٽو مان  گرفتار ڪيو. جوابدارن کان هٿيار ۽ دستي بم به ھٿ ڪيا ويا. گرفتار جوابدارن جاچ دوران ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم حقيقي ۽ متحدہ لندن جي وچ ۾ تڪرار دوران هنن قتل ۽ ملڪيتن کي نقصان پھچائڻ ۽ ٽوڙ ڦوڙ جو اعتراف به ڪيو. پوليس موجب جوابدارن ڦرلٽ ۽ ٻين سنگين ڏوھن جو اعتراف به پڻ ڪيو. گرفتار جوابدارن تي قتل ۽ ڀتي ۽ ڦرلٽ جا اسٽیل ٽائون، ملیر سٽي، لانڍي ۽ زمان ٽائون سمیت شھر جي مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آھن. گرفتار جوابدارن ۾ گلفام عرف پپي، فیضان عرف جنگو ۽ ھدایت حسین پیرزادو شامل آھن. پوليس پاران جوابدارن خلاف دهشتگردي جي تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ تحقيقات شروع ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو