پوليس پاران اغوا ٿيل 3 ڳوٺاڻا بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

گهوٽڪي (ن سنڌيار)ڪچي مان اغوا ٿي ويل ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا بازياب ٿي گهر پهچي ويا. گيمڙو ٿاڻي جي حد  مان گذريل رات پاڻي جي واري تان اغوا ٿيل 3 ڄڻا غلام مصطفي ميراڻي،گل محمد ميراڻي ۽حيبب الله ميراڻي کي پوليس پاران بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ٿي ويل 3 ڄڻن کي تيغاڻي جي ٽبي مان بازياب ڪرايو ويو آهي، مغوين کي ڌاڙيل محبوب تيغاڻي جي ٽولي اغوا ڪيو هو. واضح رهي ته مغوي رات دير سان پاڻي ڏيڻ زمين تي ويل هئا جتان کين اغوا ڪيو ويو هو اهڙي اغوا جي واردات بعد پوليس ۾ ٿرٿلو متل هو ۽ پوليس مغوين کي 16 ڪلاڪن ۾ بازياب ڪرايو آهي، بازياب ٿيندڙن جي گهرن ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آھي. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته راڄوڻي ڪوششن سبب ڳوٺاڻا آزاد ٿيا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو