پوليس منهنجي حوالي ڪريو، ڏوهه ٿيو ته استعيفيٰ ڏيندس

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري جو چوڻ آهي ته ٻن ڏينهن تائين رڳو آءِ جي ۽ ڪراچي پوليس چيف منهنجي ماتحت هجن، جيڪڏهن شهر ۾ ڪو ڏوهه ٿيو ته عهدي تان استعيفيٰ ڏيندس.ڪراچي جي سول اسپتال جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو ته سول اسپتال ۾ هڪ بيڊ تي 3 ٻارڙا رکيا ويا آهن، علاج هيٺ ٻارڙن جا وارث فوٽ پاٿ تي سمهڻ تي مجبور آهن.هن چيو ته اليڪشن ويجهو آهي ۽ سموريون پارٽيون دعوائون ڪري رهيون آهن ته ڪراچي جي سمورن سرڪاري اسپتالن جي حالت انتهائي خراب آهي،ٻين صوبن ۾ 10 لک رپين تائين علاج جا ڪارڊ آهن، هن صحت واري سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي عوام کي به صحت ڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. 95 ارب رپين جي بجيٽ اسپتالن کي ڏني پئي وڃي، اها ڪيڏانهن وڃي رهي آهي؟،ڪامران ٽيسوري چيو ته ڪراچي ۾ جتي به وڃو اتي کليل نالن تي مشتمل آهي، اڄ مان 11 هنڌن تي ڏٺم جتي نالن جو ڍانچو ناهي، شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائم جي صورتحال تمام خراب آهي، انهي بابت ٻيهر ڪراچي پوليس چيف سان ڳالهائيندس،گورنر سنڌ چيو ته ماڻهو اسان کان پڇي رهيا آهن ته شهر مان ڏوهن ڪڏهن ختم ٿيندا، جلد انهن کي فراهم ڪنداسين جن جي موٽر سائيڪلون ۽ موبائيل فون هٿ ڪيا ويا آهن.هن چيو ته آءِ جي ۽ ڪراچي پوليس چيف کي ٻن ڏينهن لاءِ پنهنجي ماتحت بڻائيندس، پوءِ جيڪڏهن ڪو ڏوهه ٿيو ته استعيفيٰ ڏيندس،سمري صحيح نه ٿي رهي آهي، نظام ڪيئن درست ٿيندو؟

پهنجو تبصرو موڪليو