ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ پوليس مقابلو، صدر ڌماڪي جو ماسٽر مائينڊ ساٿي سميت مارجي ويو ڪراچي جي علائقي ماڙي پور مشرف ڪالوني ۾ حساس اداري ۽ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي دوران صدر ڌماڪي جو مبينا طور ماسٽر مائينڊ مارجي ويو آھي انچارج سي ٽي ڊي چيو آهي ته مشرف ڪالوني ۾ مبينا مقابلي دوران مارجي ويلن جي سڃاڻپ الهڏنو ۽ نواب علي طور ٿي آهي سي ٽي ڊي موجب دهشتگرد ڪراچي جي علائقي صدر ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ ملوث هئا سي ٽي ڊي دعويٰ ڪئي آھي تھ مارجي ويل دھشتگردن جو واسطو ڪالعدم ايس آر اي سان ھو، جن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي










