پوليس جي ڪارروائي سبزي کپائيندڙ پنج پورھيت گرفتار

پوليس جي ڪارروائي سبزي کپائيندڙ پنج پورھيت گرفتار

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي )اسٽيل ٽائون پوليس جي ڪارروائي ريڙھي تي سبزي کپائيندڙ پنج پورھيت گرفتار  وارثن جو ٿاڻي تي پھچڻ شرط پوليس طرفان تشدد ۽ فائرنگ ۾ ھڪ شخص زخمي، پوليس تي ڀتي اوڳاڙي جو الزام، وارثن پاران قومي شاهراهه تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ملير جي اسٽيل ٽائون پوليس ڪارروائي ڪري گلشن حديد ۾ ريڙهي تي سبزي کپائيندڙ پنج پورهيتن عباس ملاح، عبيد شيخ راجا، الطاف، ۽ سعيد علي ميراڻي کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي وٺي وڃي لاڪپ ڪري ڇڏيو  خبر پوڻ تي گرفتار ٿيلن جا وارث جڏهن ٿاڻي تي پھتا ته پوليس سندن مٿان ڪڙڪي پئي مبينا طور تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ شخص فياض ميراڻي سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته گرفتار ٿيل پورهيتن جي وارثن ۽ عام شهرين مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو سندن چوڻ هو ته اسٽيل ٽائون پوليس ھميشہ غريبن مٿان ڪاھ ڪئي آهي ۽ اسان کي حق حلال جي روزي  به ڪرڻ نٿي ڏني وڃي، ياد رھي ته ڪجهه مھينا اڳ به اسٽيل ٽائون پوليس سبزي کپائڻ وارن کي گرفتار ڪري ٻن ڄڻن کي چالان ڪري ڇڏيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو