ناقص منصوبه بندي، ڌاڙيلن سان مقابلي ۾ 2 آفيسر شهيد،4زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) شاهه ٻيلي ۾ ڌاڙيلن خلاف پوليس جي آپريشن دوران مقابلي ۾ ايس ايڇ او لکي غلام شاهه مرتضيٰ ميراڻي ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار پنهور شهيد ٿي ويا ۽ 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا آهن. شڪارپور ضلعي جي چڪ واري ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن دوران پوليس هڪ به جوابدار زخمي يا گرفتار نه ڪري سگهي. ايڊيشنل آءِ جي ڊاڪٽر جميل پوليس اهلڪارن جي شهادت ۽ زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته وڌيڪ پوليس نفري موڪلي وئي آهي ۽ سرچ آپريشن جاري آهي.

ڌاڙيلن وٽ جديد هٿيار هئا جن جون گوليون اي پي سي کي ڦاڙي ان ۾ ويٺل اهلڪارن کي لڳيون

ياد رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ ڏوهارين جي ٽولي هٿان پوليس اهلڪار جي شهيد ٿيڻ بعد اڄ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن ڪيو ويو، مقابلي دوران گوليون لڳڻ سبب ايس ايڇ او لکي علام مرتضيٰ ميراڻي ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار پنهور گوليون لڳڻ سبب اڄ وري پوليس جو نقصان ٿيو آهي. زخمي اهلڪارن کي سکر جي هڪ نجي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جتي ڊاڪٽر جميل موجب ته هو ساڻن ملي آيو آهي ۽ ڊاڪٽرن کي چيو آهي ته بهترين علاج جون ممڪنه سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ڏوهارين جي فائرنگ ۾ زخمي اهلڪارن ۾ جهانزيب، رسول بخش ۽ صدام حسين شامل آهن.  شهيد ايس ايڇ او مرتضيٰ ميراڻي خيرپور ضلعي جي شاهه لطيف يونيورسٽي واري علائقي پنج هٽي چوڪ ۽ اي ايس آءِ ذوالفقار پنهور چڪ لڳ پنهواري جو رهواسي هو. ڊي ايس پي لکي موجب ٻنهي شهيدن جا مڙهه اسندن اباڻن علائقن ڏانهن اوانا ڪيا ويا آهن، هن ٻڏايو ته اعليٰ آفيسرن جي اعلانن باوجود گهربل نفر نه آئي جنهن سبب مجبر ٿي آپريشن اڌ ۾ ڇڏي پوليس واپس گهرائي آهي. واضح رهي ته ڏيڍ مهينو اڳ ساڳين ئي ڏوهارين جي ٽولي سان مقابلي ۾ چڪ پوليس اهلڪار سرفراز مهر شهيد ۽ عبدالرئوف مهر زخمي ٿي پيا هئا، پنج ڏينهن پهريان به چڪ جي ڪچي واري علائقي ساماڻي جي وانڍ ۾ ڏوهارين جي ٽولي پاران ڀاڙو گهرڻ جي ڳالهه تان پورهيت رڪشا ڊرائيور منظور ميراڻي کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو هو. شاهه ٻيلو مختلف ڌاڙيلن جي پناهه گاهه بڻيل آهي. سنڌو دريا جو سهارو وٺي ڌاڙيل اتان سکر، گهوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور جي مختلف علائقن ۾ اچي وڃي سگهن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو