پوليس جي مقابلي بعد 2 ڦورو گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

قاضي احمد (رپورٽ عرفان لاکو) محراب راھو پوليس اسٽيشن جي حد ۾ ڳوٺ حمزو جتوئي ڀرسان ڦورن ۽ پوليس وچ ۾ مقابلي جي دعويٰ، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڦورو مير ھزار خان جتوئي ۽ علي شير جتوئي  ھٿيارن سميت زخمي حالت م گرفتارڪيا ويا. زخمين کي نوابشاھ منتقل ڪيو ويو. رابطو ڪرڻ تي محراب راھو پوليس ٻڌايو  ته اسان کي خفيا اطلاع مليو ته ڦورو ڦر ڪري رھيا آهن، اسان فورن اتي پھتاسين ته ڦورن کي چوطرف گھيرو ڪري اعلان ڪرايو ته پنهنجا ھٿيار ڦٽا ڪريو پر هنن انڪار ڪندي پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني. فائرنگ جي نتجي ۾ 2 ڦورو زخمي حالت م گرفتار ڪيا ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ھنن ڦورن مٿان سنگين ڏوهن جا ڪيس داخل آھن ۽ پوليس کي گھربل آهن. ڦورن وٽان ھڪ پسٽل ء گوليون پڻ ھٿ ڪيون ويون آھن .هوڏانهن مبينه فورن جي وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس کين گرفتار ڪرڻ بعد هاف فراءِ ڪيو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو