جروار (رپورٽ محمد بخش گبول)جروار پوليس جي رات دير سان خفيه اطلاع تي ڪاروائي جوا کيڏڻ جي الزام هيٺ 7 ڄڻا گرفتار مبينا ڏيتي ليتيءَ بعد ٻه ڄڻا آزاد پنجن ڄڻن تي ڪيس داخل.جروار پوليس رات دير سان گشت دوران خفيه اطلاع ملڻ تي شهر ويجهو چاڪر مائنر وٽ هڪ کليل جاء تي ڇاپو هڻي ڪاروائي ڪندي جوا کيڏڻ جي الزام هيٺ 7 ڄڻن وڪاش ڪمار پرٿوي ڪمار ولد اشوڪ ڪمار,گوتم ولد يڍشتر لال,رشي ڪمار ولد اوم پرڪاش,ساگر ولد وجي ڪمار سنت ڪمار ولد هولو رام ۽ الطاف بوزدار کي گرفتار ڪري ٿاڻي تي کڻي آئي جتي ٻن ڄڻن الطاف بوزدار ۽ وڪاش ڪمار کي پوليس مبينا ڏيتي ليتيءَ بعد آزاد ڪري ڇڏيو جڏھن تہ باقي جوابدارن تي اي ايس آء شير خان بوزدار جي فرياد تي جوا ايڪٽ تحت ايف آء آر داخل ڪئي ويئي پوليس موجب اسان رات جو 10:30 ڌاري گشت ڪري رهيا هئا سين ته جوا کيڏڻ جي خفيه اطلاع ملڻ تي اسان چاڪر مائنر وٽ کليل هنڌ تي ڇاپو هنيو جتي جوا کيڏندڙ 6 جواري اسان کي ڏسي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان 5 جوارين کي گرفتار ڪري ورتو سين جڏهن ته هڪ جواري فياض بوزدار اونداهي جو فائدو وٺي ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پوليس موجب 5 جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي










