پوليس جي بروقت ڪاروائي،8 دهشتگردن جو حملو ناڪام

پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ سربند رياض شهيد پوليس اسٽيشن تي 8 دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻايو ويو، اهلڪارن جي جوابي فائرنگ سبب حملي آور فرار ٿي ويا.پوليس موجب حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، حملي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي.ايس پي ڪينٽ وقاص رفيق جو چوڻ آهي ته 8 دهشتگرد اونداهيءَ جو فائدو وٺي چيڪ پوسٽ ويجهو اچي رهيا هئا، پوليس جي الرٽ سبب دهشتگرد ويجهو وڃڻ ۾ ناڪام ٿي ويا.هن چيو ته دهشتگردن جي حملي کي هاءِ الرٽ ۽ بروقت جوابي فائرنگ سان ناڪام بڻايو ويو.دهشتگردن ان کان اڳ 7 جون تي به ان چيڪ پوسٽ تي حملو ڪيو هو. پشاور ۽ خيبرپختونخوا ۾ 48 ڪلاڪن دوران دهشتگردي جو هي چوٿون واقعو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو