راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پوليس جي ايڇ ڪيو جي گيٽ ٽوڙڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جي جاچ لاءِ اسپيشل انويسٽيگيشن ٽيم جوڙي ڇڏي.پوليس ذريعن موجب انويسٽيگيشن سپورٽ يونٽ جي سربراهي ايس ايس پي انويسٽيگيشن زنيرا اظفر ڪندي، يونٽ ۾ ايس ڊي پي او ڪينٽ، ايس ڊي پي او سٽي ۽ ٽي ايس ايڇ اوز شامل آهن.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ ٽيم ان سلسلي ۾ داخل ٿيل ڪيسن جي روشني ۾ جاچ جاري رکندي.مظاهرين جي جي ايڇ ڪيو تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس آر اي بازار ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڳوڻي صوبائي وزير راجا بشارت سميت 15 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.










