پوليس جو ڏوهارين سان مقابلو، 1 زخمي، ساٿي فرار

 غوثپور(عبدالنبي ملڪ) ڪچو ٻنڊي جي علائقي ڀرسان ڳوٺ ماڻڪ تيغاڻي تي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ بڪتر بند گاڏين سان چڙھائي ڪري سرچ آپريشن ڪيو ته ڏوھارين پوليس کي ڏسي سندن گاڏين تي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي جنھن جي جواب ۾ پوليس به ڏوھارين مٿان جوابي فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ذريعن موجب ھڪ جوابدار غلام ياسين تيغاڻي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي سندس ساٿي زخمي حالت ۾ کڻائي ڪچي طرف فرار ٿي ويا. پوليس سرچ آپريشن دوران پوليس ڏوھارين حضورو تيغاڻي، ماڻڪ تيغاڻي، لشڪري تيغاڻي ۽ ھزارو تيغاڻي جي گھرن ۽ اوطاقن کي ڊاھي باھ ڏيئي ساڙي ڇڏيو. جوابدار پنھنجا گھر خالي ڪري ڪچي طرف فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آھن. ذريعن ٻڌايو ته پوليس ٽن شڪي جوابدارن کي به گرفتار ڪيو آھي جنھنجا نالا راز ۾ رکيا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو