پوليس اهلڪار اغوا، ڌاڙيلن جو وارثن کي فون، ڀنگ طلب

ڄامشورو: (ن س) ڄامشوري واسي پوليس اهلڪار مبينا طور عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويو، ڌاڙيلن پاران وارثن کان فون ڪري ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي.ڄامشوري ۾ رهندڙ پوليس اهلڪار شبير مرکنڊ جيڪو اصل دادو جو رهواسي آهي، هن وقت ڄامشوري ۾ ڊيوٽي ڪندو هو ۽ ڄامشوري جي مدينا نگر علائقي ۾ رهندو هو، جيڪو ڊيوٽي تي ويندي پراسرار نموني گم ٿي ويو هو. جڏهن ته سندس پٽ رستم مرکنڊ کان ڌاڙيلن طرفان فون ڪال ذريعي ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي. جنهن رابطو ڪرڻ تي پنهنجي والد جي اغوا ٿيڻ ۽ ڌاڙيلن پاران رابطو ڪري ڀنگ طلب ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته بابا کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ ڌاڙيلن پاران سندس بازيابي لاءِ ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي.هن آءِ جي سنڌ پوليس کي اپيل ڪئي ته والد جي بازيابي لاءِ مدد ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو