پوليس انسپيڪٽر جي حراسان ڪرڻ خلاف درخواست

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي انسپيڪٽر غزالا مبينا طور حراسان ڪندڙ پنهنجَي ئي آفيسرن خلاف ايف آءِ اَي ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. هن جو ويڊيو پيغام به وائرل آهي جنهن ۾ غزالا چوي پئي ته پوليس ۾ شامل ڪاريون رڍون مونکي حراسان ڪري رهيون آهن، ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته نوڪري ڇڏي ڏي، نه ته سوشل ميڊيا تي تنهنجي خلاف مهم هلائينداسين ۽ بدنامي بعد تون پاڻ استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ٿي ويندين. انسپيڪٽر غزالا وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته هي رڳو منهنجي نه پر گهران نڪري نوڪري ڪندڙ هر عورت جي جنگ آهي ۽ عورتن کي تنگ ڪندڙ مائنڊ سيٽ سان جنگ ۾ سڀني کي حصو وٺڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو