پولنگ اندر فوج تعينات نه ڪريو، پيپلز پارٽي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينزاليڪشن ڪميشن کي خط لکي پولنگ اندر فوجي اهڪار مقرر ڪرڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. ان جماعت جي سيڪريٽر جنرل فرحت الله بابر لکين خط ۾ چيو آهي ته پولنگ اندر فوج جي تقرري خلاف قانون آهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي ڪم ۾ مداخلت آهي.هن چيو ته فوجي اهلڪارن کي مئجسٽريٽ جا اختيار ڏيڻ سان هو پرزائيڊنگ آفيسر جو به حڪم نه مڃيندا جيڪو چونڊن جي روح جي خلاف آهي. هن مطالبو ڪيو ته لاڙڪاڻيجي ننڍي چونڊ جي موقعي تي فوج پولنگ اندر مقرر نه ڪئي وڃي. ياد رهي ته لاڙڪاڻي جي صوبائي اسمبلي جي تڪ 11 تي 17 آڪٽوبر تي ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي. پيپلز پارٽي جميل سومرو کي ٽڪٽ ڏني آهي جڏهن ته جي ڊي اي پاران معظم علي عباسي اميدوار آهي جنهن کي حڪمرن جماعت پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي حمايت حاصل آهي. هن سيٽ تي اڳ ۾ معظم عباسي چونڊيو هو پر عدالت نامزدگي فارم ۾ غلط بياني تي نتيجا ڪالعدم قرار ڏئي ٻيهر چونڊ جو حڪم ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو