پوسٽنگ تي ويٺل نيب زده 285 آفيسرن جي لسٽ عدالت ۾ پيش

سکر(بيورو رپورٽ) نيب پاران هاءِ ڪورٽ ۾ 285 نيب زده سرڪاري آفيسرن جي لسٽ پيش ڪئي وئي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گريڊ 17 کان 19 هين جا 10 آفيسر اهڙا آهن جن رضا ڪارانه طور ڪرپشن جي رقم واپس ڪئي. لسٽ موجب پلي بارگين ذريعي گريڊ 17 هين ۽ 18هين جي 53 آفيسرن ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ رقم جمع ڪرائي. جيڪي هن وقت به مختلف عهدن تي ڪم ڪري رهيا آهن.نيب موجب گريڊ 17هين کان 20هين جي 222 آفيسرن خلاف هن وقت ڪيس ۽ ڪاروائي هلندڙ آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ نيب زده آفيسرن جي پوسٽنگ واري معاملي بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران  گذريل جمعي تي اها لسٽ پيش ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو