پوري ڪوشش آهي ته قومي ترقي جو تسلسل برقرار رهي:شهباز

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهبازشريف هدايت ڪئي آهي ته قومي خزاني کي نقصان پهاچائيندڙ ادارن کي ترجيحي بنيادن تي نفاذ يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم محمد شهبازشريف جي صدارت هيٺ اسٽيٽ اونڊائٽر پرائسز ايس او يو ايس مان جاري صلاحيتن تي پيش رفت کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجه محمد آصف، سيد نويد قمر، مخدوم مرتضيٰ محمدو، انجيئر خرم دستگير، خواجه سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، مشير وزيراعظم احد خان چيما، معاونت خصوصي جهانزيب خان، طارق باجوا ۽ متعلقه اعليٰ حڪمرانن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي بين الاقوامي معيار جي عين مطابق ادارن جي بهتري ۽ عوام کي بهترين سهوليات جي فراهمي يقيني بنائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته اسٽيٽ، اونڊا انٽرپرائيزز صلاحين جو عمل تيزي سان جاري آهي. جديد نظام کي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ ان ادارن جي بورڊز ۾ ماهرين جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم چيو آهي ته خدمات جي آئوٽ سورينگ پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرشپ ۾ شفافيت جا عنصر کي مرڪزي اهميت ڏني وڃي. شهبازشريف چيو آهي ته پوري ڪوشش آهي ته قومي ترقي جو تسلسل برقرار رهي وزيراعظم هدايت ڪئي ته قومي خزاني جي خساري سان نقصان پهچائيندڙ ادارن کي ترجيحي بنيادن تي نفاذ يقيني بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو