پورهيت جون نياڻيون نور کان محروم، سهائتا جي اپيل

خانپورمهر (آفتاب سيال) ڳوٺ مينهون ميتلو جي رهواسي پورهيت عبدالله ميتلو جون ٻه معصوم نياڻيون 10 ورهين جي سعفيه ۽ 8 ورهين جي پروين ميتلو اکين جي نور کان محروم بڻيل آهن معصوم ٻارڙيون نور کان محروم هجڻ ڪري گهر اندر قرآن شريف جو حفظ ڪن ٿيون.نياڻين پيءُ عبدالله ميتلو ۽ ڏاڏي قادربخش ميتلو صحافين کي ٻڌايو ته پروين ۽ سعفيه جڏهن ٽن مهينن جون هيون ته هنن جو نور ختم ٿي ويو هو.نياڻين جو علاج ڪراچي ۽ اسلام آباد جي اسپتالن مان ڪرايو آهي پر ڊاڪٽرن نياڻين جو علاج سريلنڪا مان ڪرائڻ جو چيو آهي ڇاڪاڻ ته ٻارڙين جي اکين جا مڻڪ تبديل ٿيندا. هن سنڌ سرڪار ۽ تڪ جي ايم اين اي سردار محمد بخش مھر کان معصوم نياڻين جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو