پوجا دادلاڻي به اين سي بي جي راڊار تي اچي وئي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)باليووڊ اداڪار شاهه رخ خان جي مينيجر پوجا دادلاڻي به ڪروز شپ ڪيس ۾ اين سي بي جي نظرن ۾ اچي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب شاهه رخ خان جي پُٽ آريان خان اميدن کان وڌيڪ ڊگهي عرصي تائين آرٿر روڊ جيل ۾ رهي سگهي ٿو. پوجا دادلاڻي آريان خان جي ضمانت لاءِ شاهه رخ خان سان هر هنڌ گڏ آهي. اين سي بي پوجا دادلاڻي تي الزام لڳايو آهي ته اها جاچ کي متاثر ڪرڻ جي لاءِ سڀ حربا استعمال ڪري رهي آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته اين سي بي هڪ ڀيرو ٻيهر آريان خان جي ضمانت جي درخواست جي مخالفت ڪئي آهي ۽ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته 23 سالا نوجوان رڳو منشيات جو استعمال ئي ناهي ڪندو پر منشيات جي غيرقانوني واپار ۾ به ملوث آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو