پهريون ڀيرو کدڙو فقير ڪابينا جو ميمبر ٿي ويو

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن کدڙي فقير کي سياسي جماعت جي مرڪزي ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو. باچا خان مرڪز ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي اهتمام هيٺ انٽرا پارٽي چونڊن بابت اجلاس ٿيو، جتي اتفاق راءِ سان سڄي ڪابينا جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ڪابينا ۾ کدڙي فقير ڊاڪٽر مهرب معيز اعواڻ کي به شامل ڪيو ويو، جيڪو کدڙن فقيرن جي حقن بابت سيڪريٽري طور خدمتون انجام ڏيندو. ڊاڪٽر مهرب معيز واشنگٽن، آمريڪا ۾ يونيورسٽي مان پبلڪ هيلٿ ۾ ماسٽرز ڪئي ۽ پوءِ خيبر ميڊيڪل يونيورسٽي پشاور مان ايم بي بي ايس جي ڊگري حاصل ڪئي. کدڙو فقير ڊاڪٽر مهرب معيز هن وقت جينڊر انٽرايڪٽو الائنس ۾ پاليسي اينڊ جينڊر ڊائريڪٽر طور به خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي، ان کان اڳ هو ورلڊ بئنڪ ۽ مختلف اسپتالن ۾ خدمتون انجام ڏئي چڪو آهي. ڊاڪٽر مهرب معيز جو ڪو ڀاءُ ناهي ۽ 6 ڀينرون آهن، جيڪي سڀئي ڊاڪٽر آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو