پهرين زال جي اجازت بنا ٻئي شادي ڪندڙ کي قيد جي سزا

لاهور(م ڊ) ڪينٽونمينٽ ڪورٽس جي هڪ جڊيشل مئجسٽريٽ پهرين زال جي اجازت کانسواءِ ٻئي شادي ڪندڙ همراهه کي ٽي مهينا قيد ۽ پنج هزار ڏنڊ جي سزا ڏئي ڇڏي آهي. رابعه يوسف نالي عورت پنهنجي مڙس شعيب زاهد جي خلاف مسلم فيملي لا آرڊيننس 1961 جي سيڪشن 6هيٺ درخواست سان ثبوت ۽ شاهد پيش ڪندي ڪيس ڪيو. جڊيشل مئجسٽريٽ ڪاشف عباس ڌرين کي ٻڌڻ ۽ ثبوتن جي جائزي وٺڻ بعد جوابدار کي ٽي مهينا قيد ۽ پنج هزار ڏند جي سزا ٻڌائي ۽ پوليس ملزم کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو