پن سن تي حڪومت پئي هلي، حڪومت آهي ڪٿي جو وڃي؟ زرداري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آھي تھ حڪومت آھي ئي نھ تھ ويندي ڪيڏانھن، پي ٽي آءِ وارا ته پِن سِن تي حڪومت پيا هلائين. اهڙو اظهار هن احتساب عدالت ۾ پيشي بعد پارليامينٽ پهچڻ تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال تي هن چيو ته افغانستان جي صورتحال خطرناڪ آهي، اُن جا اثر پاڪستان تي پئجي سگهن ٿا، افغانستان جي صورتحال تي نظر رکڻي پوندي، افغانستان ۽ اسرائيل سوڌو هر مسئلي تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي. ياد رهي ته پارليامينٽ ۾ بجيٽ اجلاس هلندڙ آهي ۽ بجيٽ جي منظوري متوقع آهي. زرداري سان گڏ سندس نياڻي آصفه به گڏ هئي. جڏهن زرداري ايوان ۾ داخل ٿيو ته سندس پارٽي جي ميمبرن ڊيسڪ وڄائي سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. آصفه ڀٽو زرداري مهمانن جي گئلري ۾ ويٺل رهي.

پهنجو تبصرو موڪليو