پنڊي۽ پشاورسميت ملڪ جي ٻين شهرن ۾ زلزلي جا جھٽڪا

اسلام آباد (بيورورپورٽ)راولپنڊي،اسلام آباد۽ پشاور جي ڀروارن علائقن ۾ سخت زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.جنهن ڪري علائقي واسي خوف مان گهرن کان ٻاهر نڪري کليل ميدانن، پارڪ۽ روڊن رستن تي نڪري آيا.زلزلي جا لوڏا راولپنڊي، مري،مهمند، شبقدر، چارسده، باجوڙ ۽ سوات ۾ به محسوس ڪيا ويا. جڏهن ته ان سان گڏو گڏ اتر وزيرستان جي علائقن، صوابي، مردان، بونير، مالاڪنڊ، نوشهره، شانگلا، ۽ خيبر ضلعي ۾ به زلزلي جا سخت جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.واضع رهي ته 3 ڏينهن پهريون به خيبرپختونخواهه جي ڪجهه شهرن ۽ پاڪستان جي راجڌاني واري شهر اسلام آباد ۾ پڻ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا جنهن کانپوءِ اڄ پڻ محسوس ڪيا ويا آهن.ان سلسلي ۾ زلزلو ماپيندڙ اداري موجب اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ زلزلي جي شدت 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جو مرڪز هندوڪش ريجن ۽ زمين ۾ ان جي گهرائي 251 ڪلو ميٽر هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو