پنوعاقل: (ن س) پنوعاقل ڀرسان بائِجي ٿاڻي جي حد چُونگَھا لِنڪ روڊ ڀرسان ايڊيشنل سيشن ڪورٽ ٻاھران چَاچَڙ برادري جي دَاوَاڻِي پَاڙي جي ٻِن ڌُرين جو ھلندڙ پراڻي تڪرار تان شھر طرف ايندڙ 3 ڄَڻا ڳُوٺ مَڃَر چَاچَڙ واسين مٿان ھٿياربندن پاران فائرنگ ڪئي وئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ سَلمَان چَاچَڙ موقعي تي فوت ٿي ويو، 2 ڄڻا عبدالڪريم عُرف مُجاھد چاچڙ ۽ فوجي نَظِير چاچڙ سخت زخمي ٿي پيا.اهڙي اطلاع تي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي ڪري فوت ٿي ويل جي مڙھه سميت زخمين کي تعلقه اسپتال پنوعاقل آندو ويو، جڏھن ته زخمين جي ڳڻتي جوڳي حالت ھوندي تعلقه اسپتال پنوعاقل کان سَکر ريفر ڪيو پئي ويو ته رستي ۾ عبدالڪريم عرف مجاھد چاچڙ زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو، وڌيڪ ھڪ زخمي کي طِبي امداد لاء سکر ريفر ڪيو ويو، پوليس موجب واقعو چاچڙ برادري جي پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.










