ڪراچي (نمائندن وٽان) اتر سنڌ ۾ ڌاڙيلن رڻ باري ڏنو آهي ۽ درياءَ جي ڪچي واري علائقي جي ٻنهي پاسن اغوا جون وارداتون وڌي ويون آهن. هڪ پاسي پنو عاقل مان ٽريڪٽر ٽرالي سميت 3 ڄڻا اغوا ٿي ويا ته بخشا پور مان مولوي کي اغوا ڪيو ويو آهي. پوليس ڪا به ڪاروائي ناهي ڪئي. پنوعاقل مان سنتوش ڪمار موجب ڪچي واري علائقي کڏھري ٿاڻي جي حد مان ٽريڪٽر ٽرالي سميت ٽي ڄڻان اغوا، رھواسين جو مظاهرو. ڳوٺ سيد جي رهواسين امان ﷲ مهر، هاشم مهر، راهب مهر ۽ ممتاز مهر مظاهرو ڪندي چيو ته رات اسان جا ماڻهون منٺار مهر، مهراب مهر ۽ محمد علي مهر پنهنجون ذاتي ڪاٺين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪچي کان شهر طرف ڪاهي وڃي رهيا هئا ته کڏهري ٿاڻي جي حد رستي مان ٽلڻ گهياڻي جتوئي، اڪبر جتوئي، ڪرڙ جتوئي ۽ ٻين هٿيارن جي زور تي ٽريڪٽر ٽرالي ڦر ڪري ۽ ٽنهي ڄڻن کي اغوا ڪري ويا آهن اسان کي جڏهن صبح جو اهڙي خبر پئي ته ٽريڪٽر ٽرالي جا پيرا کڻي ٽلڻ جتوئي جي اوطاق ويجھو وڌا سين ۽ پوليس کي اطلاع ڏنوسين پر هن مهل تائين ڪو به رزلٽ نه نڪتو آهي، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر عرفان علي سمون کي گذارش ڪيون ٿا ته اسان جو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ٽي ماڻهو اغوا ٿيل جلد واپس ڪرايا وڃن ڦر ۽ اغوا ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي. بخشاپور مان سھيل جان ڊومڪي موجب بخشاپور واسي مولوي ڪرم الدين چنا ۽ سندس سھرو ڪم سانگي ڪنڌڪوٽ لاء نڪتا ته واپس ڪونه موٽيا ۽ اغوا ٿي ويا مغوي مولوي ڪرم الدين چنا جي ڀاء سفرالدين چنا ٻڌايو ته گذريل ڏينهن منهنجو ڀاء پنهنجي سھري ڏھرڪي واسي علي حسن چنا سان گڏ ڪم سانگي ڪنڌڪوٽ لاء روانا ٿيا ته گھر واپس ڪونه پھتا. مغوي جي فون تان ڌاڙيلن ٻنهي جي اغوا جي تصديق ڪندي 20 لک رپيه ڀنگ طلب ڪيو آهي ۽ ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ ٻنھي ڄڻن کي ماري لاش اڇلائي ڇڏڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي. هن چيو اسين غريب آهيون رقم نٿا ڀري سگهون، علائقي جي با اثرن ۽ پوليس کي اپيل آهي ته کين بازياب ڪرايو وڃي.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو