پنهنجو پاڻ اغوا ڄاڻائيندڙ پوليس اهلڪارن نوڪرين تان فارغ

گهوٽڪي(ن س)رائونتي جي ڪچي ۾ پنهنجي اغوا جو ڊرامو رچائڻ جي الزام هيٺ پوليس جا 2 اهلڪار نوڪرين تان فارغ ٿي ويا، ڊي آءِ جي سکر ٻنهي اهلڪارن ذوالفقار نائچ ۽ باقر لوهار کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران بلال جٽ سميت 3 اهلڪارن کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، ايس ايس پي پنهنجي ليٽر ۾ چيو هو ته ڄاڻايل اهلڪار ڌاڙيلن جي شر گينگ لاءِ ڪم ڪري رهيا هئا،ايس ايس پي جو ليٽر ۾ چوڻ هو ته اهلڪاراغوا نه ٿيا هئا پر هنن ڌاڙيلن سان گڏجي اغوا جو ڊرامو ڪيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو