پنجاب ۾ 19 سياستدانن جي سيڪيورٽي لاءِ خطرا آهن: آءِ جي پنجاب

لاهور (ويب ڊيسڪ)آءِ جي پنجاب عثمان انور چيو آهي ته پنجاب ۾ 19 سياستدانن جي سيڪيورٽي لاءِ خطرا آهن، آءِ جي پنجاب عثمان انور اليڪشن ڪميشن جي اجلاس کي آگاهي ڏني،چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ سياستدانن کي سيڪيورٽي خطرن جي نشاندهي ڪئي وئي، آءِ جي پنجاب عثمان انور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۾ 19 سياستدانن لاءِ سيڪيورٽي ٿريٽس آهن، سيڪيورٽي سببن جي ڪري سياستدانن جا نالا نه ٿو ٻڌائي سگهان، آءِ جي چيو ته پنجاب ۾ 92 هزار سيڪيورٽي اهلڪارن جي کوٽ کي منهن پيا ڏيون، تنهن هوندي به صوبي ۾ اليڪشن لاءِ حالتون سازگار آهن

پهنجو تبصرو موڪليو