پنجاب ۾ ڪوهيڙو برقرار، اڄ 12 اڏامون رد

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پنجاب ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ سخت ڪوهيڙو برقرار آهي، جنهن سبب اڄ 12 ملڪي ۽ پرڏيهي اڏامون منسوخ ڪيون ويون آهن.ايوي ايشن ذريعن موجب منزلن تي ويزيبلٽي گهٽ هجڻ سبب 6 پروازن کي متبادل ايئرپورٽس ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته خميس تي لاهور، اسلام آباد، ڪراچي ۽ پشاور جون 37 اڏامون به منسوخ ڪيون ويون.ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته نجي ايئر لائن جي جده کان لاهور ويندڙ اڏام کي هڪ ڪلاڪ انتظار ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي ۾ لينڊ ڪيو ويو، دبئي کان ملتان، دمام ۽ ڪويت سٽي کان سيالڪوٽ ويندڙ اڏام کي اسلام آباد ۾ لينڊ ڪيو ويو، جڏهن ته بحرين ۽ ڪراچي کان 2 اڏامون لينڊ ڪيون ويون. لاهور کان به اسلام آباد ڏانهن رخ ڪيو ويو.ان کان علاوه لاهور ڪراچي پي آءِ اي جون 2 اڏامون، جده کان لاهور ويندڙ سعودي ايئرلائن جون 2، اسلام آباد ڪراچي خانگي ايئر لائن جون 2 ۽ شارجه ويندڙ هڪ اڏام منسوخ ڪئي وئي.ملتان کان جده لاءِ نجي ايئر لائن جون 2، ڪراچي کان دمام ۽ گوادر جون 3 اڏامون منسوخ ڪيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو