پنجاب ۾ چونڊ ملتوي ڪرڻ خلاف عدالت وينداسين

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ خميس تي اعلان ڪيو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) جي پنجاب اسيمبلي جون چونڊون 5 مهينن کان وڌيڪ ملتوي ڪرڻ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ويندا. اليڪشن ڪميشن اربع تي، پنجاب اسيمبليءَ جون چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. رات دير سان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ ڪميشن چيو هو ته اڳ ۾ آيل رپورٽن، بريفنگ ۽ مواد تي غور ڪرڻ کان پوءِ ان نتيجي تي پهتا آهن ته”ايمانداري، انصاف، منصفاڻي، پرامن طريقي سان. آئين ۽ قانون جي مطابق“ چونڊون ڪرائڻ ناممڪن آهي. تنهن ڪري، اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 58 ۽ سيڪشن 8 (سي) سان پڙهندي آرٽيڪل 218(3) پاران اليڪشن ڪميشن کي ڏنل اختيارن استعمال ڪندي، ڪميشن ”چونڊ شيڊول واپس وٺي ٿي ۽ 8 آڪٽوبر تي سڄي ملڪ م هڪ ئي وقت پولنگ لاءِ نوٽيفڪيشن بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. جي تاريخ سان گڏ مقرر وقت تي جاري ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو اهو فيصلو حڪومتي دٻاءَ جو نتيجو آهي، جيڪو آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي سنگين خلاف ورزي آهي. هن مطالبو ڪيو ته حڪمرانن تي توهين عدالت جي ڪاروائي ڪرڻ گهرجي اسين ان ڏس ۾ سپريم ڪورٽ وينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو