پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جا اهم ماڻهو نون ليگ ۾ شامل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جا ماڻهو ن ليگ ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا،نجي ٽي وي ڳالهائيندي طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ وارا اڄ به سودي بازي ڪري رهيا آهن.هن چيو ته پنجاب جو نتيجو تقرير تي نه پر ڪم ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي ايندو آهي، اسان ڪم ۽ ڪارڪردگي کي موضوع بڻائڻ چاهيون ٿا، ان جو جواب نتيجن مان ڏينداسين. طلال چوڌري جو چوڻ آهي ته قومي مفاد جي معاملن تي سمورين پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، ضروري ناهي ته سموريون سياسي پارٽيون حڪومت ۾ شامل ٿين.مسلم ليگ ن جي اڳواڻ چيو ته سياسي طور تي ممڪن ٿي سگهي ٿو ته سمورين سياسي پارٽين کي گڏ کڻي هلون.

پهنجو تبصرو موڪليو