پنجاب ۾ پوليس سڌارن بابت وزيراعظم جي پيڪيج تي عمل کان انڪار

اسلام آباد (ڊيسڪ نيوز) پنجاب صوبي جي اختيارين وفاقي حڪومت پاران منظور ڪيل پوليس سڌارن واري پيڪيج تي عمل کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. انگريزي اخبار ”دي نيوز“ جي تحقيقاتي رپورٽ مطابق وزيراعظم عمران خان اهو پيڪيج سعودي عرب ۽ آمريڪا جي دوري تي وڃڻ کان اڳ خاموشيءَ سان منظور ڪيو هو. وفاقي حڪومت طرفان گهرو معاملن واري وزارت معرفت پنجاب حڪومت کي ڪجهه ڏينهن اڳ چيو ويو ته فوري طور تي پوليس سڌارن واري پيڪيج تي عمل ڪيو وڃي. جڏهن ته شراڪت دارن سان ضروري صلاح مشورو ڪرڻ کانسواءِ وزيراعظم پاران منظور ڪيل پيڪيج جي حوالي کان پنجاب حڪومت پاران اعتراض واريا ويا هئا. اخبار پنهنجي خبر ۾ باخبر ذريعن جي حوالي سان ڄاڻ ڏني آهي ته وفاقي حڪومت جي اها خواهش هئي ته پنجاب ۾ 30 سيپٽيمبر تائين آرڊيننس وسيلي سڌارا لاڳو ڪيا وڃن. صوبائي حڪومت انهيءَ معاملي بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي سڌارن واري پيڪيج جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن پيڪيج بابت وفاق کي سفارشون اماڻي سگهجن. انهيءَ ڪميٽيءَ جي سربراهي پنجاب جي قانون واري وزير کي ڏني وئي، جڏهن ته ٽي ٻيا وزير، آءِ جي پوليس، چيف سيڪريٽري، 02 رٽائر پوليس آفيسر ۽ هڪ اڳوڻو چيف سيڪريٽري ۽ هڪ رٽائر آءِ جيءَ کي ميمبر طور شامل ڪيو ويو. ڪميٽيءَ کي پيڪيج جو جائزو ۽ ان متعلق سفارشون هڪ هفتي دوران تيار ڪرڻ جو وقت ڏنو ويو. پوليس جي پي ايس پي گروپ پيڪيج بابت راءِ ڏني آهي ته سڌارن وسيلي ايڊمنسٽريٽو سروس گروپ پوليس جي اختيارن تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ان ڪري اهو پيڪيج لاڳو ٿيڻ نه گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو