پنجاب ۾ فلم جوائي لينڊ تي پابندي برقرار

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب حڪومت تڪراري فلم جوائي لينڊ جي سڄي صوبي ۾ نمائش روڪي ڇڏي آهي.پنجاب جي اطلاعات کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب فلم ”جوي لينڊ“ جي نمائش تي مختلف حلقن کان مسلسل شڪايتن کي نظر ۾ رکندي پابندي لڳائي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب پنجاب ۾ اها پابندي ايندڙ اطلاع تائين برقرار رهندي.واضح رهي ته گذريل ڏينهن سينسر بورڊ فلم جوائي لينڊ کي هڪ کان ٻن منٽن جا ڪجهه اعتراض ڪندڙ حصا حذف ڪرڻ بعد سڄي ملڪ ۾ نمائش جي اجازت ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو