پنجاب ۾ سياسي تبديلي، ق ليگ جا اڌ ميمبر چوڌري شجاعت سان رابطو

پنجاب ۾ سياسي تبديلي، ق ليگ جا اڌ ميمبر چوڌري شجاعت سان رابطو

لاهور(ويب ڊيسڪ)رپورٽون آهن ته مسلم ليگ (ق) جي پنجاب اسيمبلي جي اڌ کان وڌيڪ ميمبرن جا چوڌري شجاعت حسين سان لاڳاپا آهن.ذميوار ذريعن ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت جو ڌيان ٻوڏ متاثرن جي فوري بحالي تي آهي، جڏهن ته حڪمران اتحاد جي ٻي ترجيح پنجاب ۾ حڪومت جي آئيني تبديلي لاءِ حڪمت عملي جو تعين ڪرڻ آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ ق جي ميمبرن چوڌري شجاعت سان رابطو ڪري سندس هر فيصلو مڃڻ جو اشارو ڏنو آهي.حڪمران اتحاد ٻوڏ متاثرن لاءِ کنيل قدمن تي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي ڪارڪردگيءَ کان مطمئن آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري به نواز شريف جي عالمي برادري سان ڪارآمد رابطن تي ساراهه ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو