ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پ پ اڳواڻ منظور وساڻ چيو آهي ته اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ وچ ۾ مقابلو ٿيندو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون آڪٽوبر يا نومبر ۾ ٿي سگهن ٿيون، اسان جو ٽارگيٽ هاڻي پنجاب آهي ۽ اتان 35 سيٽون کٽڻ جي ڪوشش ڪنداسين، اليڪشن ۾ مقابلو پ پ ءٍ ن ليگ وچ ۾ ٿيندو. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين ڏکيائين ۾ ڦاسي پيو آهي، هاڻي سندس لاءِ نڪرڻ مشڪل آهي، ڪوشش ڪندا پر هاڻي ٻاهر نڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي. منظور وساڻ چيو ته شاهه محمود قريشي پ پ ۾ واپس آيو ته ڀليڪار ڪندس، پي ٽي آءِ ڇڏي ويل ڪيترائي اڳواڻ آزاد چونڊ وڙهندا.
